Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:22 - Sindhi Bible

22 اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.


اتي هن هڪڙو خواب لڌو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي ٿي رکي آهي، ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي؛ ۽ ڏسي تہ خدا جا فرشتا انهيءَ تي پيا لهن چڙهن.


تڏهن ناتن دائود کي چيو، تہ اهو ماڻهو تون آهين. خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي اسرائيل جي مٿان مسح ڪيل بادشاهہ ڪيو، ۽ توکي سائول جي هٿان ڇڏايم؛


پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.


ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين آهي، ۽ تنهنجي سچائي ڪڪرن تائين پهتي آهي.


اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي.


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:


۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.


اُهو وڻ وڌيو ۽ مضبوط ٿيو ۽ انهي جي اوچائي وڃي آسمان کي پهتي، ۽ سڄي زمين جي ڪناري تائين اُهو ڏسڻ ۾ آيو.


جنهن جا پن سهڻا هئا، ۽ جنهن جو ڦر گهڻو هو، ۽ سڀني جو قوت انهي ۾ هو، جنهن جي هيٺان جهنگ جا جانور ٿي رهيا، ۽ جنهن جي ٽارين تي پکين جا آکيرا هئا؛


ٻارهن مهينن کان پوءِ جڏهن هو بابل جي شاهي محلات ۾ پئي گهميو.


انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي.


ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين.


ڇالاءِ جو انهي جا گناهہ آسمان تائين وڃي پهتا آهن، ۽ خدا هن جي بدڪارين کي ياد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ