Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:19
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هوءَ پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ سائين آءٌ تنهنجي اڳيان اُٿي نٿي سگهان؛ ڇالاءِ جو ماهواري اٿم، تون انهيءَ ڪري رنج نہ ٿج. سو هن ٺاڪرن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين.


تڏهن تون چئج تہ اهي تنهنجي ٻانهي يعقوب جا آهن؛ هيءَ پنهنجي مالڪ عيسوءَ جي لاءِ سوغات موڪلي اٿس: اِجهو هو پاڻ بہ پٺيان پيو اچي.


تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛


۽ جيئن عبدياہ رستو ڏيئي پئي ويو تيئن ايلياہ هن کي گڏيو: ۽ هن سڃاتس، ۽ پنهنجي منهن ڀر ڪِري پيو، ۽ چوڻ لڳو تہ منهنجا سائين ايلياہ، اهو تون آهين:


هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.


۽ جنهن شهر ۾ مون اوهان کي قيد ڪري موڪليو آهي، انهي جي خير سلامتي ڳوليو ۽ انهي لاءِ خداوند کان دعا گهرو: ڇالاءِ جو انهي جي خير سلامتي ۾ اوهان کي خير سلامتي حاصل ٿيندي.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.


بادشاهہ ورندي ڏيئي داني ايل کي چيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، تہ تون مون کي اهو خواب جو مون ڏٺو آهي سو، ۽ ان جو تعبير ٻڌائي سگهندين؟


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


سو اي بادشاهہ انهي جو تعبير هي آهي، ۽ اهو خدا تعاليٰ جو فيصلو آهي، جو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ تي نازل ٿيو آهي:


ڇالاءِ جو هڪڙو تمام چڱو روح، ۽ علم، ۽ سمجهہ، ۽ خوابن جي تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل جملن جي معنيٰ سمجهائڻ، ۽ شڪن لاهڻ جو عقل انهي داني ايل ۾ معلوم ٿيو هو، جنهن کي بادشاهہ، بيلطشضر جو نالو ڏنو هو. هاڻي داني ايل کي گهرايو وڃي تہ هو انهي جو تعبير ڪري.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


هاڻي مون داني ايل جو روح منهنجي اندر غمگين ٿيو، ۽ منهنجي مغز جي رويائن مون کي منجهائي ڇڏيو.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.


جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.


۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو.


تنهن کان پوءِ دائود بہ اُٿيو ۽ غار مان نڪري سائول کي سڏي چيائين تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ۽ جڏهن سائول منهن ورائي ڏٺو تڏهن دائود منهن زمين تي رکي هن کي تعظيم ڏني.


۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو.


۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ