Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:18 - Sindhi Bible

18 اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛


۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


هنن ٻيو ڀيرو ورندي ڏيئي چيو تہ بادشاهہ پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.


۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن.


تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ