Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:16 - Sindhi Bible

16 ڀلي تہ هن جي دل ماڻهن جي دل کان بدلجي وڃي، ۽ حيوان جي دل هن کي ڏني وڃي؛ ۽ ڀلي تہ ست زمانا انهي تي گذري وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڇاڪاڻ تہ هُن جي انساني سوچ بدلجي حيواني ٿيندي، ايستائين جو هن جي مٿان ستن سالن جو عرصو گذري ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.


۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.


۽ هو جيڪو نگهبان ۽ قدوس تو آسمان مان هيٺ لهندو ڏٺو، ۽ جنهن چيو تہ هي وڻ وڍي هيٺ ڪيراءِ، ۽ انهي کي ناس ڪري ڇڏ؛ پر انهي جي پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل ڀلي جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي، ۽ ڀلي تہ ماڪ سان آلو رهي، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو جهنگ جي جانورن سان هجي، جيسين ڪ ست زمانا انهي تي گذرن؛


تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


اُهي نيست ٿي ويندا؛ پر تون قائم رهندين؛ ۽ هو سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا؛


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ