Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:1 - Sindhi Bible

1 بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بادشاهہ نبوڪدنضر سڄيءَ دنيا جي قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن سڀني ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اي روءِزمين جا رهاڪؤ! شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


تڏهن بادشاهہ، رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ جيڪي انهن جا ٻيا سنگتي سامريہ ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري ملڪ ۾ رهندا هئا، تن وٽ هي جواب موڪليو، تہ سلامت هجو، وغيرہ.


انهن هن وٽ هڪڙو خط موڪليو، جنهن ۾ هن طرح لکيل هو؛ دارا بادشاهہ ڏانهن، سڀ خير سلامتي هجي.


تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


تڏهن مناد هوڪو ڏيئي چوڻ لڳا تہ اي اُمت، قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا، اوهان کي حڪم ٿو ڏجي،


تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.


جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:


۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو.


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.


تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ