اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.
ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.
تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.