Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن سڀ والي، نائب ۽ نواب، قاضي، خزانچي، مشير، سردار ۽ پرڳڻن جا حاڪم، جيڪا مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن جي پاڪ ڪرڻ جي رسم تي اچي گڏ ٿيا، ۽ هو انهي مورت جي اڳيان اچي بيٺا جا نبوڪدنضر بيهاري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو جڏهن اهي سڀ انهيءَ مورتيءَ جي اڳيان اچي بيٺا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر، ملڪ جي والين، نائبن، نوابن، قاضين، خزانچين، مشيرن، سردارن ۽ پرڳڻن جي سڀني حاڪمن کي گهرايو تہ جنهن مورت کي بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاريو آهي، تنهن جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.


۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.


تڏهن مناد هوڪو ڏيئي چوڻ لڳا تہ اي اُمت، قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا، اوهان کي حڪم ٿو ڏجي،


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ