دانيال 3:28 - Sindhi Bible28 تڏهن نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جو خدا شل مبارڪ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي، جن سندس ٻانهن مٿس ڀروسو رکيو هو، ۽ جن بادشاهہ جو حڪم ٽاري ڇڏيو، ۽ پنهنجا بدن فدا ڪيا، انهي لاءِ تہ پنهنجي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن معبود جي عبادت نہ ڪن، ۽ نہ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪن، تن کي بچايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible28 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |