Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:27 - Sindhi Bible

27 ۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ان وقت سڀ والي، نواب، نائب ۽ بادشاهہ جا مشير اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ هنن جي جسمن تي باهہ ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو. هنن جو ڪو وار بہ نہ سڙيو هو، نڪي سندن پوشاڪ کي ئي ڪو تئُہ آيو هو، نہ ئي وري انهن مان باهہ جي سڙڻ جي ڪا بوءِ ٿي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:27
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن وڃي انهيءَ جي لاش کي رستي تي پيل، ۽ گڏهہ ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺو: شينهن لاش کي نہ کاڌو، نڪي گڏهہ کي ڦاڙيو هئائين.


تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسان جا خدا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون انهيءَ جي هٿن مان اسان کي بچاءِ تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن تہ توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند خدا ڪونهي.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.


تڏهن انهن ماڻهن کي سندن سٿڻن، سندن پهراڻن، چادرن ۽ ٻين ڪپڙن سميت باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلائي وڌائون.


تڏهن بادشاهہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين تہ داني ايل کي ڪڍي ٻاهر آڻيو. تڏهن داني ايل کي غار مان ڪڍي آندائون، ۽ هن کي ڪنهن بہ قسم جو ايذاءُ نہ رسيو هو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي خدا تي ڀروسو رکيو هو.


ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ نوابن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم قائم ڪجي، ۽ هڪڙو منع نامو جاري ڪجي تہ جيڪو ٽيهن ڏينهن تائين ڪنهن معبود کان يا ماڻهوءَ کان، تنهنجي سواءِ، ڪو سوال ڪندو، تہ اي بادشاهہ اُهو شينهن جي غار ۾ وڌو ويندو.


بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ