23 ۽ هي ٽيئي شخص، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو جي ٻڌل هئا، باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ ڪري پيا.
23 جڏهن تہ اهي ٽيئي ٻڌل شخص ڀڙڪندڙ باهہ جي وچ ۾ وڃي ڪريا.
راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.
جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.
تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.
۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر حيران ٿي ويو ۽ تڪڙو ٿي اُٿيو: ۽ هن پنهنجن مشيرن کي چيو، تہ اسان ٽن ماڻهن کي ٻڌي باهہ جي وچ ۾ ڪين اُڇلايو هو ڇا؟ هنن ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ برابر.
ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛
باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون: