Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 3:2 - Sindhi Bible

2 تنهن کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر، ملڪ جي والين، نائبن، نوابن، قاضين، خزانچين، مشيرن، سردارن ۽ پرڳڻن جي سڀني حاڪمن کي گهرايو تہ جنهن مورت کي بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاريو آهي، تنهن جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن کان پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ملڪ جي والين، نوابن، نائبن، صلاحڪارن، خزانچين، ججن، مفتين ۽ صوبي جي ٻين سڀني عملدارن کي گھرايو، تہ جيئن اهي انهيءَ مورتيءَ جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 3:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اٺين مهيني ۾ پندرهين تاريخ يربعام هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي يهوداہ ۾ عيد ٿيندي هئي، ۽ پاڻ قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ جيڪي گابا جوڙيا هئائين تن جي اڳيان قربانيون ڪيائين: ۽ بيت ايل ۾ جي مٿانهيون جايون هن ٺهرايون هيون، تن جا ڪاهن مقرر ڪيائين.


جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن.


۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.


تڏهن سڀ والي، نائب ۽ نواب، قاضي، خزانچي، مشير، سردار ۽ پرڳڻن جا حاڪم، جيڪا مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن جي پاڪ ڪرڻ جي رسم تي اچي گڏ ٿيا، ۽ هو انهي مورت جي اڳيان اچي بيٺا جا نبوڪدنضر بيهاري هئي.


۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.


۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ