Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:49 - Sindhi Bible

49 ۽ داني ايل جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي جي ڪمن ڪارن تي مقرر ڪيو: پر داني ايل بادشاهہ جي درٻار ۾ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:49
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ڪنواريون زالون گڏ ٿيون، تڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو.


انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن.


۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.


جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.


بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.


هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.


۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.


تڏهن داني ايل پنهنجي گهر ويو، ۽ پنهنجن سنگتين حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي احوال ڏنائين.


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.


۽ انهن تي ٽي وزير مقرر ٿين، جن مان داني ايل هڪڙو هو، ۽ اهي سڀ والي هنن کي حساب ڏين، تہ بادشاهہ کي نقصان نہ رسي.


بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ