Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:48 - Sindhi Bible

48 تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:48
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو.


هاڻي ارام جي بادشاهہ جو سپهہ سالار نعمان وڏو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان عزت وارو هو، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام کي فتح ڏني هئي: هو همت وارو بهادر مرد بہ هو، مگر هو ڪوڙهيو هو.


هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.


آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن.


پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ۽ انهي جو تعبير ٻڌائيندا، تہ اوهان کي بخششون ۽ انعام ۽ وڏي عزت ڏيندس: تنهنڪري اوهين مون کي اُهو خواب ۽ ان جو تعبير ٻڌايو.


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.


هاڻي ڪي يهودي آهن يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، جن کي تو بابل جي ڪم ڪار تي مقرر ڪيو آهي، انهن اي بادشاهہ تنهنجي پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي: هو تنهنجن معبودن جي عبادت نٿا ڪن، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي، تنهن کي سجدو ٿا ڪن.


تڏهن بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي ۾ وڌيڪ درجي وارو ڪيو.


تنهنڪري مون حڪم جاري ڪيو، تہ بابل جا سڀ ڏاها ماڻهو مون وٽ وٺي اچو تہ اُهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ڪري ٻڌائين.


اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛


پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.


تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.


سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو.


۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو.


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ