Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:47 - Sindhi Bible

47 بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 پوءِ بادشاهہ دانيال کي چيو تہ ”بيشڪ تنهنجو خدا سڀني معبودن جو بہ معبود، بادشاهن جو ڌڻي ۽ ڳُجھن جو ظاهر ڪندڙ آهي، تڏهن ئي تہ تو انهيءَ راز کي کولي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:47
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ جڏهن خدا توکي هي سڀ سمجهايو آهي، تڏهن تو جهڙو ٻيو ڪوبہ سمجهو ۽ ڏاهو ڪونهي.


پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.


هو ڪاهنن کي ڦري لٽي قيد ڪري ٿو، ۽ زور وارن کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.


خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


خداوندن جي خداوند جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


هائو سڀيئي بادشاهہ هن جي اڳيان سجدو ڪندا: ۽ سڀ قومون سندس خدمت ڪنديون.


خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند عظيم آهي، ۽ تعريف جي لائق آهي: هو سڀني معبودن کان وڌيڪ تعظيم جي لائق آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:


اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.


پر مون کي جو اهو ڳجهہ ڄاڻايو ويو آهي، سو نہ ڪنهن ڏاهپ جي ڪري جا ٻئي ڪنهن جيئري ماڻهوءَ کان مون ۾ وڌيڪ آهي، پر انهيءَ مطلب لاءِ تہ تعبير جي بادشاهہ کي خبر پوي، ۽ تون پنهنجي دل جي خيالن مان واقف ٿين.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟


تڏهن نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جو خدا شل مبارڪ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي، جن سندس ٻانهن مٿس ڀروسو رکيو هو، ۽ جن بادشاهہ جو حڪم ٽاري ڇڏيو، ۽ پنهنجا بدن فدا ڪيا، انهي لاءِ تہ پنهنجي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن معبود جي عبادت نہ ڪن، ۽ نہ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪن، تن کي بچايو آهي.


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


جنهن کي اهو مناسب وقت تي ظاهر ڪندو، جو سڳورو ۽ واحد بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي؛


خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)،


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ