Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:46 - Sindhi Bible

46 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري دانيال آڏو سجدو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي نذرانو ڏنو وڃي ۽ سندس آڏو لوبان ساڙيو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:46
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.


تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:


تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.


تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.


۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.


۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن پطرس اندر گهڙڻ لڳو، تہ ڪرنيليس وڃي گڏيس ۽ پيرين پئي سجدو ڪيائينس.


۽ زيوس، جنهن جو مندر شهر جي سامهون هو، تنهن جو پوڄاري، ڏاند ۽ گلن جا هار کڻي دروازن تي آيو، ۽ ماڻهن سان گڏجي قرباني چاڙهڻ تي هو.


پر هنن ڀانئيو تہ هيءُ سُڄي پوندو، يا اوچتو ڪِري مري ويندو، پر گهڻي وقت تائين اهو انتظار ڪڍيائون ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪي بہ ڪين ٿيو، تڏهن ٻيو خيال ڪيائون، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو ديوتا آهي.


۽ جي چوويهہ بزرگ خدا جي اڳيان پنهنجن تختن تي ويٺا هئا، سي پيرين پئي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا،


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ