Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:45 - Sindhi Bible

45 جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:45
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي.


اها ئي ڳالهہ آهي، جا مون فرعون کي ٻڌائي؛ جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ڏيکاريو اٿس.


۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو.


تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.


ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.


۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


ڏس، خدا وڏو آهي، ۽ اسين انهيءَ کي نٿا ڄاڻون: هن جي سالن جو شمار معلوم ٿيڻ جو نہ آهي.


ڇو جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند عظيم آهي؛ اسان جو خدا سڀني معبودن جي مٿان عظيم آهي.


خداوند عظيم آهي، ۽ گهڻيءَ تعريف جي لائق آهي؛ ۽ سندس عظمت دريافت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


تون انهن کي لوهہ جي لٺ سان ڀڃندين؛ ۽ کين ڪنڀر جي ٿانوَ وانگر ٽڪر ٽڪر ڪندين.


اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.


ڇالاءِ جو خداوند عظيم آهي، ۽ تعريف جي لائق آهي: هو سڀني معبودن کان وڌيڪ تعظيم جي لائق آهي.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


تنهنڪري داني ايل لنگهي اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو هو: ۽ وڃي هن کي چيائين تہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ بادشاهہ کي تعبير ٻڌايان.


پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:


اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو جي اوهين مون کي ٻڌائيندا تہ آئون بہ ٻڌائيندوسانوَ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي،


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛


پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ