Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:44 - Sindhi Bible

44 ۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44-45 توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:44
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو، ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.


تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.


ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:


تو انهي کي پئي ڏٺو جيسين ڪ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ وڍجي نڪتو، ۽ اچي انهيءَ مورت جي پيرن کي لڳو، جي لوهہ ۽ مٽيءَ جا هئا، ۽ انهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين.


پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


۽ جيئن تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو، تيئن هو عام ماڻهن جي نسل سان گڏجي ويندا؛ پر هو هڪ ٻئي سان گڏجي چهٽي نہ ويندا، جيئن لوهہ مٽيءَ سان گڏجي چهٽي نٿو وڃي.


هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:


۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.


۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.


۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي آءٌ سڀني قومن کي لوڏيندس، ۽ سڀني قومن جون دلپسند شيون اينديون، ۽ آءٌ هن گهر کي جلال سان ڀري ڇڏيندس.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ