Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:40 - Sindhi Bible

40 ۽ چوٿين بادشاهت لوهہ جهڙي مضبوط ٿيندي: جهڙي طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري ۽ انهن تي غالب ٿو پوي: ۽ جيئن لوهہ انهن سڀني شين کي چپي ڇڏي ٿو، تيئن اُها ڀڃي ڀوري ۽ چپي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 انهيءَ کان پوءِ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا لوهہ جهڙي مضبوط هوندي. جهڙيءَ طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ٿو ڪري ۽ انهن کي چپي ٿو ڇڏي، تهڙيءَ طرح اها شهنشاهت بہ ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري چپي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:40
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو مون کي طوفان سان ڀڃي ٿو، ۽ سبب کان سواءِ زخم وڌائي ٿو.


ڪو ماڻهو لوهہ کي، يعني اُتر مان آيل لوهہ کي، ۽ پتل کي ڀڃي سگهندو ڇا؟


ان جون ٽنگون لوهہ جون، ۽ ان جا پير ڪجهہ لوهہ جا ۽ ڪجهہ مٽيءَ جا هئا.


۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.


۽ جهڙيءَ طرح تو پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجهہ ڪنڀرن واريءَ مٽيءَ جون ۽ ڪجهہ لوهہ جون ڏٺيون، تيئن اُها بہ ورهايل بادشاهت ٿيندي؛ پر انهيءَ ۾ لوهہ جهڙو زور هوندو، جو تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو.


انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.


۽ اُهو وڏي طاقت وارو ٿيندو، پر نہ پنهنجي طاقت سان؛ ۽ هو عجيب طرح جون خرابيون ڪندو ۽ ڪامياب ٿيندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو: ۽ هو زور وارن ۽ پاڪ ماڻهن کي ناس ڪندو.


۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:


جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ