Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:39 - Sindhi Bible

39 ۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:39
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.


انهيءَ صورت جو مٿو سچي سون جو هو، ان جو سينو ۽ ان جون ٻانهون چانديءَ جون هيون، ان جو پيٽ ۽ ان جون رانون پتل جون هيون؛


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


۽ چوٿين بادشاهت لوهہ جهڙي مضبوط ٿيندي: جهڙي طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري ۽ انهن تي غالب ٿو پوي: ۽ جيئن لوهہ انهن سڀني شين کي چپي ڇڏي ٿو، تيئن اُها ڀڃي ڀوري ۽ چپي ڇڏيندي.


هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي.


اُهو گهٽو جو تو ٻن سڱن سان ڏٺو، اُهي ميديہ ۽ فارس جا بادشاهہ آهن.


۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي.


۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا.


جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ