Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:31 - Sindhi Bible

31 اي بادشاهہ، تو هڪڙي وڏي مورت ڏٺي. اُها مورت جا وڏي هئي، ۽ جنهن جي رونق عجيب هئي، سا تنهنجي اڳيان اچي بيٺي؛ ۽ انهي جي صورت هيبتناڪ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. توهان پنهنجي رويا ۾ ڏٺو تہ هڪڙي وڏي مورتي آهي، جيڪا توهان جي اڳيان بيٺي آهي. اها مورتي تمام قداور، بيحد تجليدار ۽ هيبتناڪ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري ڏس آءٌ توتي ڌاريا ماڻهو آڻيندس جي قومن ۾ هيبتناڪ هوندا: ۽ اُهي تنهنجي ڏاهپ جي سونهن تي پنهنجون تراريون ڪڍندا ۽ تنهنجي رونق برباد ڪندا.


اهو آهي خواب؛ ۽ انهي جو تعبير اسين هاڻي بادشاهہ جي حضور ۾ بيان ڪنداسين.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.


انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي.


هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.


وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس،


پوءِ هو کيس هڪڙي مٿانهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ