Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:30 - Sindhi Bible

30 پر مون کي جو اهو ڳجهہ ڄاڻايو ويو آهي، سو نہ ڪنهن ڏاهپ جي ڪري جا ٻئي ڪنهن جيئري ماڻهوءَ کان مون ۾ وڌيڪ آهي، پر انهيءَ مطلب لاءِ تہ تعبير جي بادشاهہ کي خبر پوي، ۽ تون پنهنجي دل جي خيالن مان واقف ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 هاڻ مون تي اهو راز انهيءَ لاءِ ظاهر نہ ڪيو ويو آهي تہ آءٌ ڪو ٻين جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ سياڻو آهيان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ توهان کي انهيءَ جو تعبير ٻڌايو وڃي ۽ توهان پنهنجي دل جي خيالن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف فرعون کي ورندي ڏيئي چيو تہ اهو منهنجي هٿ ۾ نہ آهي: خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.


منهنجي ويهڻ ۽ اُٿڻ جي توکي خبر آهي، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجهيو وٺين.


مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.


هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


۽ داني ايل جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي جي ڪمن ڪارن تي مقرر ڪيو: پر داني ايل بادشاهہ جي درٻار ۾ رهيو.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.


جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.


ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ