Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:27 - Sindhi Bible

27 داني ايل بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ جنهن ڳجهہ جو بادشاهہ پڇيو آهي سو ڏاها ماڻهو توڙي، مانڊي، يا جادوگر، يا فال وجهڻ وارا، بادشاهہ کي ٻڌائي نہ سگهندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.


تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ