Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:25 - Sindhi Bible

25 تڏهن اريوڪ تڪڙو تڪڙو داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ چيائين، تہ يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي جو بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن اريوڪ هڪدم دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ بادشاهہ کي چيائين تہ ”يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندل ماڻهن مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي، جيڪو بادشاهہ سلامت کي تعبير ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو.


تہ پرڳڻي جا ماڻهو هي آهن، جي قيد ۾ کڄي ويل ماڻهن مان موٽي آيا هئا، جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي ويو هو، ۽ جيڪي پوءِ موٽي يروشلم ۽ يهوداہ ۾ آيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ويو؛


جيڪي موت ڏي کڄيو ٿا وڃن تن کي ڇڏاءِ، ۽ جيڪي قتل ٿيڻ لاءِ تيار آهن تن کي پٺ تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪر.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا.


تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟


تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ