Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:23 - Sindhi Bible

23 اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا، آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان ۽ تنهنجي تعريف ٿو ڪريان، جنهن مون کي ڏاهپ ۽ طاقت ڏني آهي، ۽ هاڻي جنهن ڳالهہ جو اسان توکي سوال ڪيو سا اسان کي ڄاڻائي اٿيئي: ڇالاءِ جو تو اسان کي بادشاهہ جي ڳالهہ جي خبر ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا! آءٌ تنهنجو شڪر ۽ واکاڻ ٿو ڪريان، ڇوجو تو مون کي ڏاهپ ۽ سگھہ عطا ڪئي آهي. اسان جيڪي تو کان چاهيو سو ئي تو مون کي ٻڌائي ڇڏيو، هائو، بادشاهہ وارو پورو معاملو تو اسان تي ظاهر ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:23
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيو تہ جيڪي آءٌ ڪريان ٿو، سو ابرهام کان لڪائيندس ڇا؟


جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، يعني ابرهام جو خدا، جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، سو مون سان نہ هجي ها، تہ جيڪر هاڻي تون مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪرين ها. خدا منهنجا ڏک ۽ منهنجن هٿن جو پورهيو ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪلهہ رات توکي ڇينڀيو اٿس.


۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.


شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري:


انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.


هاڻي تنهنڪري، اسان جا خدا، اسين تنهنجو شڪر ۽ تنهنجي جلالي نالي جي تعريف ٿا ڪريون.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.


تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.


هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر.


وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.


ڏاهو ماڻهو ڏاڍن جي شهر تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ انهن جي ويساهہ جو زور ڪيرائي وجهي ٿو.


ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.


مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.


ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.


تڏهن مون چيو تہ ڏاهپ زور کان بهتر آهي: انهي هوندي بہ غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ تي حقارت ظاهر ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ۽ هن جي ڳالهہ ڪوبہ ڪونہ ٿو ٻڌي.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.


هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.


انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي.


هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.


يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ