Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، نجومين، فال وجھندڙن ۽ سندن اڳواڻن رملين کي سڏيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اهي سندس خواب جو تعبير ڪن. جڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


تڏهن بادشاهہ انهن ڏاهن ماڻهن کي چيو، جي وقت کي سڃاڻندا هئا، (ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو قاعدو ۽ حڪم ڄاڻندا هئا، تن سان بادشاهہ جي هلت اهڙي ئي هوندي هئي؛


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.


ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.


داني ايل بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ جنهن ڳجهہ جو بادشاهہ پڇيو آهي سو ڏاها ماڻهو توڙي، مانڊي، يا جادوگر، يا فال وجهڻ وارا، بادشاهہ کي ٻڌائي نہ سگهندا؛


هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.


هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي.


تنهنڪري مون حڪم جاري ڪيو، تہ بابل جا سڀ ڏاها ماڻهو مون وٽ وٺي اچو تہ اُهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ڪري ٻڌائين.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ