Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن انهيءَ ئي رات رويا ۾ دانيال تي اهو راز کوليو ويو ۽ دانيال عرش عظيم واري خدا جي واکاڻ ڪندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي،


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


۽ هن جو انهي وڻ جي پاڙن واري بنڊ ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنو؛ سو جڏهن توکي معلوم ٿي رهندو تہ حڪومت آسمان ٿا هلائين، تڏهن تنهنجي بادشاهت تنهنجي لاءِ پڪي طرح قائم ٿيندي.


اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.


اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ