Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 2:18 - Sindhi Bible

18 انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هن کين تاڪيد ڪيو تہ هو عرش عظيم واري خدا کي انهيءَ راز جي باري ۾ رحم لاءِ ٻاڏائين، تہ جيئن دانيال ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين عالمن سميت قتل ٿيڻ کان بچي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 2:18
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شايد پنجاهہ راستبازن مان پنج گهٽ ٿي پون، تہ پوءِ بہ تون انهن پنجن جي گهٽ هئڻ ڪري سڄو شهر برباد ڪندين ڇا؟ هن چيو تہ جيڪڏهن آءٌ اتي پنجيتاليهہ ڏسندس، تہ بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس.


آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.


اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا، آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان ۽ تنهنجي تعريف ٿو ڪريان، جنهن مون کي ڏاهپ ۽ طاقت ڏني آهي، ۽ هاڻي جنهن ڳالهہ جو اسان توکي سوال ڪيو سا اسان کي ڄاڻائي اٿيئي: ڇالاءِ جو تو اسان کي بادشاهہ جي ڳالهہ جي خبر ڏني آهي.


جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.


۽ هن جو انهي وڻ جي پاڙن واري بنڊ ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنو؛ سو جڏهن توکي معلوم ٿي رهندو تہ حڪومت آسمان ٿا هلائين، تڏهن تنهنجي بادشاهت تنهنجي لاءِ پڪي طرح قائم ٿيندي.


۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.


تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا.


اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟


وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو.


۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.


هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خاطر، ۽ روح جي محبت جي خاطر، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي مون لاءِ دليون جانيون خدا کان دعا گهُرندا رهو؛


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ