Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:13 - Sindhi Bible

13 پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو اي دانيال! تون انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي ڏينهن پوري ٿيڻ تائين ثابت قدم رهہ. پوءِ تون وڃي آرامي ٿيندين ۽ زمانن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري بڇڙا عدالت ۾ قائم ڪين رهندا، نڪي گنهگار راستبازن جي محفل ۾.


خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.


انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو.


تڏهن خداوند چيو تہ منهنجي حضوري تو سان گڏجي هلندي، ۽ آءٌ توکي آرام ڏيندس.


۽ جيڪي ڏاها هوندا سي آسمان جي روشنائيءَ وانگر چمڪندا، ۽ جيڪي گهڻن کي سچائيءَ ڏانهن ڦيري آڻين ٿا، سي تارن وانگر هميشہ تائين پيا چمڪندا،


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.


۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ