Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:12 - Sindhi Bible

12 برڪت وارو آهي اُهو جو منتظر رهي ٿو، ۽ هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين پهچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سو هاڻي سڀاڳا آهن اهي، جيڪي هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين ثابت قدم رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


۽ جڏهن تون اُهي پورا ڪري ڇڏيندين، تڏهن وري ساڄي پاسي تي ليٽج ۽ يهوداہ جي گهراڻي جا گناهہ کڻج: انهي جا مون تو لاءِ چاليهہ ڏينهن مقرر ڪيا آهن، هرهڪ سال لاءِ هڪڙو ڏينهن.


۽ هن مون کي چيو تہ ٻن هزارن ٽن سوَن صبحن ۽ سانجهين تائين؛ پوءِ اُهو پاڪ مڪان صاف ٿيندو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟


پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.


۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.


۽ حيوان کي هڪڙو وات ڏنو ويو، جنهن سان هن وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ڪفر پئي بڪيو؛ ۽ ٻائيتاليهن مهينن تائين کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ويئي.


۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ