Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:10 - Sindhi Bible

10 گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڏاها ماڻهو ئي انهن ڳالهين کي سمجھي ويندا. هائو، گھڻا ئي ماڻهو پاڪ ۽ صاف ڪيا ۽ سڌاريا ويندا. پر بڇڙن مان ڪوبہ انهن ڳالهين کي ڪين سمجھندو. هائو، بڇڙا بڇڙائيءَ جا ئي ڪم ڪندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:10
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


پر انهن جون گپ واريون جايون ۽ ڌٻڻيون مٺيون نہ ٿينديون؛ اُهي کاريون ئي رهنديون.


۽ ماڻهن ۾ جيڪي ڏاها هوندا سي گهڻن کي تعليم ڏيندا: انهي هوندي بہ هو گهڻن ڏينهن تائين ترار ۽ باهہ، قيد ۽ ڦرلٽ سان ڪِرندا.


جي ڏاها آهن تن منجهان ڪي ڪِرندا، انهي لاءِ تہ کين سڌارين، ۽ پاڪ ڪن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين صاف ٿين: ڇالاءِ جو اهو اڃا ٺهرايل وقت لاءِ آهي.


۽ جيڪي ڏاها هوندا سي آسمان جي روشنائيءَ وانگر چمڪندا، ۽ جيڪي گهڻن کي سچائيءَ ڏانهن ڦيري آڻين ٿا، سي تارن وانگر هميشہ تائين پيا چمڪندا،


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.


انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،


تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ!


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


۽ پنهنجن سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آسمان جي خدا جي نسبت ۾ ڪفر بڪڻ لڳا؛ ۽ پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.


۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.


۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين.


جيئن اڳين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي، شريرن مان شرارت پيدا ٿي ٿئي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ