Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 12:1 - Sindhi Bible

1 ۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 12:1
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


اُنهن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب مان مٽائي ڇڏ، اُهي راستبازن سان گڏ ليکيا نہ وڃن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


۽ منهنجو هٿ انهن نبين جي برخلاف ٿيندو جي باطل شيون ٿا ڏسن، ۽ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن: اُهي منهنجي قوم جي جماعت ۾ شامل نہ ٿيندا، نڪي اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي دفتر ۾ لکيا ويندا، ۽ نہ اُهي اسرائيل جي زمين ۾ داخل ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ خداوند هن جو خدا ٿيندس، ۽ منهنجو ٻانهو دائود هنن جو بادشاهہ ٿيندو؛ مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سبب آءٌ تو ۾ اُهو ڪم ڪندس جو مون اڳي نہ ڪيو آهي، ۽ نہ ڪڏهن وري ٿيندو.


پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس.


پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.


۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.


هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.


ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.


پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟


انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو:


۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو.


هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.


پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ