۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.
اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.