Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي توکي تہ ضرور وڃڻو آهي، جو پنهنجي پيءُ جي گهر جي اُڪير اٿئي، پر تو منهنجا ٺاڪر ڇو چورايا آهن؟


۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي.


۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


مون دل گهريو طعام نہ ٿي کاڌو، ۽ گوشت يا شراب منهنجي وات ۾ نہ پيو، ۽ نہ ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين ڪ ٽي هفتا پورا ٿيا.


۽ ڏکڻ جي بادشاهہ جي ملڪ ۾ ايندو، پوءِ موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.


انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي.


۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو.


۽ هن چيو تہ جيڪي معبود مون جوڙيا هئا سي، ۽ ڪاهن اوهين کڻي هليا ويا آهيو، باقي مون وٽ ڇا بچيو آهي؟ تڏهن اوهين ڪيئن مون کي چئو ٿا تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ