دانيال 11:7 - Sindhi Bible7 پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 انهيءَ کان پوءِ مصر ۾ انهيءَ عورت جي خاندان منجھان هڪڙو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مصر جو بادشاهہ ٿيندو. هو شام جي بادشاهہ جي لشڪر تي حملو ڪندو ۽ سندس قلعي ۾ گھڙي کيس شڪست ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سالن جي پڇاڙيءَ ۾ هو سڀ پاڻ ۾ گڏجي پوندا؛ ۽ ڏکڻ واري بادشاهہ جي ڌيءَ ٻڌي ڪرڻ لاءِ، اُتر واري بادشاهہ وٽ ايندي: پر هوءَ پنهنجي ٻانهن جو زور قابو نہ رکندي؛ نڪي هوءَ بيهي سگهندي، ۽ نہ سندس ٻانهن؛ پر هوءَ حوالي ڪئي ويندي، ۽ جن کيس آندو ۽ جنهن کيس ڄڻيو هو، ۽ جنهن انهي وقت هن کي زور وٺايو هو، سي بہ حوالي ڪيا ويندا.