Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:6 - Sindhi Bible

6 ۽ سالن جي پڇاڙيءَ ۾ هو سڀ پاڻ ۾ گڏجي پوندا؛ ۽ ڏکڻ واري بادشاهہ جي ڌيءَ ٻڌي ڪرڻ لاءِ، اُتر واري بادشاهہ وٽ ايندي: پر هوءَ پنهنجي ٻانهن جو زور قابو نہ رکندي؛ نڪي هوءَ بيهي سگهندي، ۽ نہ سندس ٻانهن؛ پر هوءَ حوالي ڪئي ويندي، ۽ جن کيس آندو ۽ جنهن کيس ڄڻيو هو، ۽ جنهن انهي وقت هن کي زور وٺايو هو، سي بہ حوالي ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڪن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جو بادشاهہ شام جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيندو. پر اهو اتحاد جٽاءُ نہ ڪندو، ڇو تہ اها عورت پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ ساڻس گڏ آيل خدمتگارن سميت قتل ڪئي ويندي ۽ ان بادشاهہ جو نسل ئي ختم ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شريرن کان سندن روشنائي روڪي ٿي وڃي، ۽ مغرور ٻانهن ڀڃي ڇڏڻ ۾ ٿي اچي.


هو پنهنجن واٽن ۾ هر وقت قائم ٿو رهي؛ تنهنجو انصاف هن جي نظر کان ٻاهر ۽ گهڻو مٿي آهي، هو پنهنجن سڀني دشمنن تي ڦوڪي ٿو.


اي آدمزاد، مون مصر جي بادشاهہ فرعون جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي؛ ۽ ڏس، تہ نہ اُنهي تي شفا لاءِ دوائون ۽ نہ پٽيون ويڙهي ٻڌيون ويون آهن، تہ اُها ترار جهلڻ جهڙي طاقت وٺي.


۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.


پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو:


ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ