Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:44 - Sindhi Bible

44 پر اُڀرندي ۽ اُتر مان اُٿيل افواهون هن کي پريشان ڪنديون: ۽ هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گهڻن کي ناس ۽ بلڪل نابود ڪرڻ لاءِ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 پر اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ اطلاع کيس پريشان ڪري ڇڏيندا. تڏهن هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گھڻن ئي کي نيست وَ نابود ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:44
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.


ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو.


۽ هن کي سون ۽ چانديءَ جي خزانن تي اختيار رهندو، ۽ مصر جي سڀني قيمتي شين تي بہ: ۽ لوبي ۽ حبشي سندس قدمن ۾ حاضر رهندا.


۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


سندن راءِ هڪڙي ئي آهي، ۽ اُهي پنهنجي قدرت ۽ اختياري انهي جانور کي ڏيئي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ