Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:40 - Sindhi Bible

40 ۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:40
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.


۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.


۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو.


۽ اُهي سيلاب وانگر سندس اڳيان ٻُهاريا ويندا، ۽ ڀڃي ڇڏيا ويندا؛ هائو، اُهو عهد اقرار وارو امير بہ.


۽ هو هڪڙي وڏي لشڪر سان ڏاڍي سگهہ ۽ همت جهلي، ڏکڻ جي بادشاهہ سان وڙهندو؛ ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ بہ تمام وڏي زور واري لشڪر سان جنگ ڪندو: پر هو بيهي نہ سگهندو، ڇالاءِ جو هو ان جي برخلاف منصوبا ڪندا.


جي ڏاها آهن تن منجهان ڪي ڪِرندا، انهي لاءِ تہ کين سڌارين، ۽ پاڪ ڪن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين صاف ٿين: ڇالاءِ جو اهو اڃا ٺهرايل وقت لاءِ آهي.


۽ هڪڙي ڌارئي معبود جي مدد سان، تمام مضبوط قلعن سان وڙهندو؛ ۽ جيڪو کيس قبول ڪندو، تنهن جي عزت هو وڌائيندو: ۽ هو کين گهڻن جي مٿان حڪومت ڪرائيندو، ۽ ڪجهہ قيمت تي زمين ورهائي ڏيندو.


پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو:


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


۽ هن چيو تہ اي داني ايل، پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃ: ڇالاءِ جو ڳالهيون بند ٿي ويون آهن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين انهن تي مهر لڳي ويئي آهي.


تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


۽ گهوڙي سوارن جي لشڪرن جو تعداد ويهہ ڪروڙ هو: مون انهن جو شمار ٻَڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ