Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:38 - Sindhi Bible

38 پر انهن جي جاءِ تي هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو: ۽ جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا نہ سڃاڻندا هئا، تنهن کي هو سون ۽ چانديءَ سان، قيمتي پٿرن ۽ سهڻين شين سان عزت ڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:38
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.


نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو.


۽ هڪڙي ڌارئي معبود جي مدد سان، تمام مضبوط قلعن سان وڙهندو؛ ۽ جيڪو کيس قبول ڪندو، تنهن جي عزت هو وڌائيندو: ۽ هو کين گهڻن جي مٿان حڪومت ڪرائيندو، ۽ ڪجهہ قيمت تي زمين ورهائي ڏيندو.


پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو:


پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،


يعني سندن سون، رپو، جواهرات، موتي، عمدو ڪتاني ۽ واڱڻائي ۽ ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، ۽ سڀ سرهيون ڪاٺيون، ۽ هر قسم جون عاج جون شيون، ۽ تمام قيمتي ڪاٺ، ۽ پتل، ۽ لوهہ ۽ سنگ مرمر مان جڙيل هر قسم جون شيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ