Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:36 - Sindhi Bible

36 ۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:36
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خداوند، ساري زمين تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.


ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.


اي منهنجي اُمت، اچ، پنهنجن ڪوٺين ۾ گِهڙ، ۽ پنهنجي چوڌاري در بند ڪري ڇڏ: ۽ ٿوري وقت تائين پاڻ کي لڪاءِ جيستائين ڪاوڙ لنگهي وڃي.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي.


۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ برپا ٿيندو، جو وڏي حشمت سان حڪومت ڪندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلندو.


نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو.


۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون.


مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون.


۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، آءٌ توکي ٻڌائيندس تہ غضب جي آخر زماني ۾ ڇا ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو پڇاڙيءَ جو مقرر ڪيل وقت جي بابت آهي.


۽ مون گهٽي کي اُلهندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٽڪر هڻندو ڏٺو؛ ۽ ڪي بہ جانور هن جي اڳيان بيهي نہ ٿي سگهيا؛ ۽ نہ ڪو اهڙو هو جو سندس هٿان ڇڏائي سگهي؛ پر هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ۽ پاڻ کي وڏو ڪري ٿي ڏيکاريائين.


ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.


آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران.


ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)،


پر ستين ملائڪ جي آواز جي وقت جڏهن هو تري وڄائيندو تڏهن خدا جو راز پورو ٿيندو، جو هن پنهنجن ٻانهن يعني نبين تي ظاهر ڪيو هو.


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


ڇالاءِ جو خدا هنن جي دل ۾ وجهندو تہ هو سندس مرضيءَ تي هلن، ۽ هڪڙيءَ راءِ تي اچي بيهن، ۽ پنهنجي پنهنجي بادشاهت انهي جانور کي ڏين، جيسين ڪ خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ