Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:30 - Sindhi Bible

30 ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جيئن تہ رومي لشڪر سامونڊي جهازن ۾ چڙهي سندس مقابلي لاءِ نڪري ايندا، تنهنڪري هو دل هاري ويهندو. تڏهن هو موٽندي اها ڪاوڙ خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل عهد تي ڇنڊيندو، جڏهن تہ انهن ماڻهن جي پاسخاطري ڪندو جيڪي انهيءَ عهد کان ڦري ويا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:30
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ياوان جا پٽ هئا السيہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


۽ ياوان جا پٽ؛ اليسہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


۽ مون معلوم ڪيو ۽ ڏس، خدا هن کي نہ موڪليو هو: پر هن هيءَ پيشنگوئي منهنجي برخلاف ڪئي هئي: ۽ طوبياہ ۽ سنبلط هن کي ڀاڙي ڪيو هو.


صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.


ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.


تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن.


تنهن کانپوءِ گهڻي مال متاع سان هو موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو؛ ۽ هن جي دل پاڪ عهد اقرار جي برخلاف ٿيندي؛ ۽ هو پنهنجي مرضيءَ تي هلت ڪندو، ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ موٽندو.


مقرر ڪيل وقت تي هو موٽندو ۽ ڏکڻ ۾ ايندو؛ پر جيئن اڳئين وقت ۾ ٿيو هو تيئن پوئين وقت ۾ ٿيندو.


۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.


پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.


تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.


تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ