Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:26 - Sindhi Bible

26 هائو، جيڪي سندس ماني ٿا کائين، سي ئي کيس ناس ڪندا، ۽ ان جو لشڪر گهڻائيءَ کان اُٿلي پوندو؛ ۽ گهڻا مارجي ڪِري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هائو، جيڪي سندس نمڪ کائيندا هوندا، سي ئي کيس اهڙو برباد ڪندا جو سندس گھڻا ئي سپاهي قتل ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح سندس لشڪر ٻُهارجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:26
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو اليشع وٽان هليو ويو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ آيو؛ جنهن پڇيس تہ اليشع توکي ڇا چيو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ تون ضرور ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيندين.


منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.


۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.


۽ اُهي سيلاب وانگر سندس اڳيان ٻُهاريا ويندا، ۽ ڀڃي ڇڏيا ويندا؛ هائو، اُهو عهد اقرار وارو امير بہ.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جنهن پنهنجو هٿ مون سان گڏ ٿالهيءَ ۾ وڌو آهي سو ئي مون کي جهلائيندو.


هن چين تہ ٻارهن مان هڪڙو آهي بلڪ اُهو جو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان ٿو ٻوڙي.


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ