Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:22 - Sindhi Bible

22 ۽ اُهي سيلاب وانگر سندس اڳيان ٻُهاريا ويندا، ۽ ڀڃي ڇڏيا ويندا؛ هائو، اُهو عهد اقرار وارو امير بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا.


۽ هن سان ٻڌي ڪري رهڻ کان پوءِ هو دغابازيءَ جي هلت ڪندو: ڇالاءِ جو هو چڙهي ايندو، ۽ ٿورن ئي ماڻهن سان زور وارو ٿي ويندو.


۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.


۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.


ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.


پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ