Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي.


آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.


ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.


اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.


تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن.


افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ