دانيال 11:13 - Sindhi Bible13 ۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 ڇاڪاڻ تہ شام جو بادشاهہ موٽي وڃي وري اڳي کان بہ وڏو لشڪر گڏ ڪندو. ڪجھہ سالن جي عرصي کان پوءِ هو هڪڙي وڏي لشڪر کي پوريءَ طرح مسلح ڪري مصر تي وري اچي ڪاهہ ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.