Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 11:11 - Sindhi Bible

11 ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن مصر جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو ۽ نڪري اچي شام واري بادشاهہ سان وڙهندو ۽ انهيءَ جي وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيئي هٿ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 11:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، هڪڙو نبي اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي سارو وڏو ميڙ ڏٺو آهي يا نہ؟ ڏس، اهو اڄ آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن.


۽ جڏهن اُهو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي ويندي، ۽ هو لکن کي ڪيرائيندو، پر غالب نہ پوندو.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


پر اُڀرندي ۽ اُتر مان اُٿيل افواهون هن کي پريشان ڪنديون: ۽ هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گهڻن کي ناس ۽ بلڪل نابود ڪرڻ لاءِ ويندو.


۽ ڏکڻ جو بادشاهہ زور وارو ٿيندو، ۽ ان جو هڪڙو امير بہ؛ ۽ اُهو کانئس بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو، ۽ وڏي اختيار وارو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڏي بادشاهت ٿيندي.


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ