Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:8 - Sindhi Bible

8 انهي طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس، ۽ اُهو وڏو رويا ڏٺم، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو منهنجي شڪل شباهت خراب ٿي ويئي ۽ آءٌ نستو ٿي پيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرت‌انگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فني ايل تان لنگهندي هن کي سج اُڀري ويو، ۽ هو پنهنجيءَ ران تي منڊڪائيندو هليو.


تڏهن موسيٰ چيو تہ هاڻي آءٌ ويجهو وڃي هي وڏو نظارو ڏسان تہ ڇو هي ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


ڇالاءِ جو ڪهڙي طرح منهنجي مالڪ جو ٻانهو منهنجي مالڪ سان ڳالهائي سگهندو؟ ڇالاءِ جو مون ۾ تہ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، ۽ نہ مون ۾ باقي ڪو ساهہ آهي.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.


۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.


ڇوتہ هن کان جواب ئي ڪونہ ٿي اُڪليو، جو ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هُئن.


ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ