Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:6 - Sindhi Bible

6 هن جو بدن بہ فيروزي جهڙو هو، ۽ هن جو منهن بجليءَ جهڙو هو، ۽ هن جون اکيون مشعلن جهڙيون هيون، ۽ هن جون ٻانهون ۽ هن جا پير رنگ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙا هئا، ۽ هن جي ڳالهائڻ جو آواز گهڻن ماڻهن جي آواز جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن جو بدن هيري جهڙو تجليدار هو ۽ منهن وڄ جي شعلي جيان چمڪندڙ هئس. سندس اکيون ٻرندڙ مشعلن جهڙيون هيون ۽ سندس ٻانهون ۽ پير چمڪندڙ پتل جهڙا هئا. هن جي ڳالهائڻ جو آواز وڏي انبوہ جي گوڙ جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چوٿين قطار، فيروزي، سليماني پهڻ ۽ زبرجد جي هجي: اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن.


هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن.


۽ اُهي ساهہ وارا وڄ جي تجلي وانگر ڊوڙندا ۽ موٽندا ڏسڻ ۾ آيا.


انهن ڦيٿن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ فيروزيءَ جي رنگ جهڙي هئي: ۽ اُهي چارئي هڪڙي ڊول جا هئا: ۽ انهن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ ڄڻ تہ ڦيٿي جي اندر ڦيٿو هئي.


۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.


۽ انهن جون ٽنگون سڌيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جي تري گابي جي کر جهڙي هئي: ۽ اهي چمڪندڙ پتل وانگي پئي چمڪيا.


۽ مون نهاريو ۽ ڏسان تہ ڪروبين جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هڪڙو ڦيٿو هڪڙي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ ٻيو ڦيٿو ٻئي ڪروبيءَ جي پاسي ۾، ۽ انهن ڦيٿن جي صورت فيروزي جي پٿر جي رنگ جهڙي هئي.


۽ هن مون کي اُتي آندو ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو چهرو پتل جي رنگ جهڙو هو، ۽ هٿ ۾ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري، ۽ ماپ ڪرڻ جو ڪانو هوس، ۽ اُهو در تي بيٺو هو.


تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


هن جي شڪل وڄ جهڙي هئي، ۽ سندس پوشاڪ اڇي برف جهڙي،


۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.


۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.


۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ


پنجون عقيق جو؛ ڇهون لعل جو؛ ستون سونهري پهڻ جو؛ اٺون فيروزيءَ جو؛ نائون پکراج جو؛ ڏهون لاجورد جو؛ يارهون سنبلي پهڻ جو؛ ٻارهون ياقوت جو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ