Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:21 - Sindhi Bible

21 پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


۽ سانجهين ۽ صبحن وارو رويا، جو فرمايو ويو آهي سو سچو آهي: پر تون اُهو رويا بند ڪري ڇڏ؛ ڇالاءِ جو اُهو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻ واري وقت جي بابت آهي.


۽ هن مون کي سيکاريو، ۽ مون سان ڳالهايائين، ۽ چيائين، تہ اي داني ايل، آءٌ هاڻي انهي لاءِ آيو آهيان تہ توکي سمجهہ ڀريو ۽ قابل ڪريان.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


۽ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو بہ انهيءَ سان ملي ٿو اچي، جيئن لکيل آهي تہ


خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“


پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.


۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ