2 انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.
2 انهن ڏينهن ۾ مون دانيال پورن ٽن هفتن تائين سوڳ پئي ڪيو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم.
خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟
ڇو جو تون ئي منهنجي طاقت جو خدا آهين؛ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم ڪندو وتان؟
اوهين يروشلم سان خوشي ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي هن کي پيار ٿا ڪريو سي هن لاءِ خوش ٿيو:
اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!
تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.
يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.
تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي.
افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.