Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 10:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 10:19
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


تنهنجي دعا گهرڻ جي شروع تي ئي حڪم جاري ٿيو، ۽ اُهو آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو تون گهڻو پيارو آهين: تنهنڪري انهي ڳالهہ تي ويچار ڪري اها رويا سمجهہ.


انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان.


اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي.


تڏهن يهودي چوڻ لڳا تہ ڏسو، تہ هن سان ڪهڙي نہ دل هيس!


هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو.


آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


پوءِ يسوع پنهنجي ماءُ، ۽ اُهو شاگرد جنهن تي سندس پيار هو، تن کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي، پنهنجيءَ ماءُ کي چيو، تہ اي مائي، ڏس تنهنجو پٽ!


پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


۽ خداوند هن کي چيو تہ تون سلامت رهہ: ڊڄ نہ؛ تون ڪين مرندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ